Skip to main content

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون سنڌ رھنما مينيوسبي ترتيبي چونڊ مضمون

وڪيپيڊيا جا منتظمينچونڊ مضمون جا اميدوارچونڊ مضمونن جي معيار11,206چونڊ مضمونن جو ٻهير جائزوThis star symbolizes the featured content on Wikipedia.آمريڪيموبائيل الاباماانگريزي ٻولياردوٽنڊي آدم تعلقيشاھہ عبدالڪريم بلڙيآخوند نور محمد ڀٽيءَارنيسٽ ٽرمپشاه جي رساليميان غلام شاهه ڪلهوڙيشاھ جي عرس جون تقريبونسنڌسنڌي ماڻھنسرڪاري ٻوليانڊياگجراتڪڇالھاس نگرديوانگريراجپوتسنڌڪڇبلوچستانپنجابٺٽوارغونن کان شڪستڄامسومرن جي حڪمرانيبکرڄام انڙ بن بابينوسيوهڻسلطنت دهلينوري ڄام تماچيپاڪستانهندوستانجنگي ڇڪتاڻلائين آف ڪنٽرولپاڪستانپاڪستان جي وزير اعظمپاڪ فوج جي سربراههپاڪستان جي فوجپاڪستان جي فوجهندوستانپورچوگيزياسپينياسرائيلبرطانيهٻي مھاڀاري جنگمصراردنشامعراقگڏيل قومن جي جنرل اسيمبليپاڪستان جي چئن صوبنسنڌي قومپاڪستانسنڌونديسنسڪرتسمنڊوڏو درياءُبلوچستانسنڌو تهذيبآڳاٽي مصرميسوپوٽيميافنون لطيفہٻوليروهڙياروڙٻُڌ ڌرمآبهواسياريگادي جو هنڌڪراچيپاڪستانپاڪستانٽي ٽوينٽيڪرڪيٽپاڪستان سپر ليگپاڪستانسنڌڪراچيپاڪستان ڪرڪيٽ بورڊپاڪستان سپر ليگنيشنل اسٽيڊيمعماد وسيمڏکڻ آفريڪاپي سي بيڪراچيسنڌو تهذيبڪوٽڏجيهندوستانگجراتBattle of Preveza (1538).jpg












وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون




کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان






Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو


سنڌي وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمونن جي فهرستسانچو:SHORTDESC:سنڌي وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمونن جي فهرست




وڪيپيڊيا ۾ چونڊ مضمون


هن تاري مان مراد چونڊ مواد آهي.

چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا پاران ڪجهه بهترين مضمونن طور تصور ڪيو ويندو آهي، مضمونن جي چونڊ وڪيپيڊيا جا منتظمين ڪندا آهن. چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا جا سواريندڙ، مضمونن کي سوارڻ وقت هڪ مثال طور اڳيان رکندا آهن. هتي مضمون شامل ڪرڻ کان اڳ، چونڊ مضمون جا اميدوار ۾ چونڊ مضمونن جي معيار مطابق مضمونن جي صداقت، غيرجانبداري، پورائي، ۽ نموني جو جائزو ورتو ويندو آهي. هتي 11,206 مضمونن مان 4 مضمونن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪو سمورن مضمونن جو لڳ ڀڳ 0 سيڪڙو ٿي ٿو. چونڊ مضمون جيڪڏهن معيار تي پورا نه لهندا هجن انهن کي سڌارڻ يا چونڊ مضمونن مان هٽائڻ لاءِ چونڊ مضمونن جو ٻهير جائزو ورتو ويندو آهي.


موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان (This star symbolizes the featured content on Wikipedia.) مان مراد چونڊ مضمون جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "ميزڀر" کي ڪلڪ ڪري، چونڊ مضمون هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا.



اختصار:
چونڊ مضمون

چونڊ مواد:


  • چونڊ مضمون

  • چونڊ فهرست

  • چونڊ تصويرون

  • چونڊ باب

  • چونڊ موضوع

اوزار چونڊ مضمون:


  • چونڊ مضمون لاءِ مقرر معيار

  • چونڊ مضمون لاءِ اميدوار

  • چونڊ مضمون جائزو

  • چونڊ مضمون جائزو نوشتہ

  • چونڊ مضمون شماريات

  • بي ترتيبي چونڊ مضمون

  • اڳوڻڪا چونڊ مضمون




فهرست


  • #سنڌ


سنڌ


،




Tim Cook 2009 cropped.jpg

ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ ايپل انڪارپوريشن جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر آھي، ان کان اڳ ھي اسٽيوو جابز جي ذيلي عھدي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ايپل ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي. ٽم آمريڪي شھر موبائيل الاباما ۾ 1 نومبر 1960ع تي پيدا ٿيو. ٽم جو والد ڊونلڊ ھڪ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندو ھو. ھن جي امڙ جيلڊن فارميسي ۾ ڪم ڪندي ھئي. ھن شروعاتي تعليم رابرٽسڊل ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن بي ايس صنعتي انجنئرنگ جي سند آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي حاصل ڪئي. ايم بي اي جي سند ڊيوڪ يونيورسٽي جي فوڪوا اسڪول آف بزنسز مان 1988ع تي حاصل ڪئي. آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي بي ايس جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن 12 سال آئي بي ايم جي ذاتي ڪمپيوٽر جي واپار واري شعبي ۾ گذاريا، جنھن کان پوءِ ھن کي اتر آمريڪا جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کا پوءِ ھي انٽيلجنس اليڪٽرانڪس نالي اداري ۾ پڻ رھيو، ھن 1997ع تي ڪامپيڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي جتي ھن ڇھن مھينن لاءِنائب صدر مقرر ڪيو ويو. ھن 1998ع تي ايپل ۾ شموليت اختيار ڪئي.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


ماءِ پيو لينڊ (منهنجي پاڪ زمين (انگريزي ٻولي: My Pure Land) ) برطانيا پاڪستاني فلم ساز سرمد مسود پاران هدايتڪاري هيٺ سال2017ع ۾ جاري ٿيل برطانوي ڊراما فلم آهي.  هيءَ 90 هين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ بهترين غير ملڪي ٻولي فلم جي لاءِ برطانوي داخلا طور چونڊي وئي هئي، پر اها نامزد نه ڪئي وئي هئي.  اهو پهريون ڀيرو ٿيو هيو ته برطانيا کي اردو ٻوليءِ جي ڪا فلم پيش ڪئي هئي.
فلمي خاڪو: نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجھ به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي."  نازو جو والد ۽ ڀاءُ  گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع  ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Shah Abdul Latif Bhittai.jpg

شاهہ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي جو قومي شاعر، سن 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، هالا حويلي ۾ ڄائو. شاهہ عبداللطيف حبيب شاھہ جو پٽ، عبدالقدوس شاھہ جو پوٽو، جمال شاھہ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھہ، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاهہ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ, ڀٽ کان ڇهہ ۽ اڏيري لعل کان ٻہ ڪوهہ پري آهي. ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪيو. شاه صاحب صفر مهيني جي 14 تاريخ 1165 هه مطابق 1752 ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مزار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1772ع تي ٺهرايو. هن مزار ۾ هڪ مسجد ۽ لطيف جو روضو آهي، جنهن جو در هڪ وڏي اڱڻ طرف کلي ٿو. سندس عرس هر سال 14 صفر تي ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل هوندي آهي. شاھ جي عرس جون تقريبون ٽي ڏينهن جاري رهنديون آهن.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Sindhi In Ajrak.png

سنڌي ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي. انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي. گھڻا سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جي صوبي سنڌ، ڀارت جي رياست گجرات جي علائقي ڪڇ ۽ مھاراشٽر جي علائقي الھاس نگر ۾ رھن ٿا. ان سان گڏوگڏ ھانگ ڪانگ، عمان، انڊونيشيا، سنگاپور، گڏيل عرب اماراتون، گڏيل بادشاھت ۽ آمريڪا ۾ لڏي ويل جماعتن پاران بہ سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. سنڌي الف ب يا رسم الخط جا ٻاونجاھ اکر آھن. موجوده عربي-سنڌي الف ب 1853ع ۾ جُڙي. ڀارت ۾ معياري عربي رسم الخط کان سواءِ ديوانگري رسم الخط بہ لاڳو آهي، جيڪا 1948ع لاڳو ڪئي وئي۔ پهرين صديءَ جي شروعات ۾ براهمي لپي، سنڌو لکت مان ٺاهي وئي، اشوڪ بادشاهه پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي حڪومتي وهنوار کي هلائڻ لاءِ براهمي لکت ڪم آندي، براهمي لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 حرف علت وارو اُصول پڻ شامل هو، جيڪي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪيترين ئي صدين تائين جاري رهيو.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Sindh EU4.jpg

سما برصغير جي مسلمان راجپوت گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جا حڪمران ھئا. سمن جي حڪمراني 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ، ڪڇ، بلوچستان، پنجاب ۽ سوراشٽر جي ڪجھ علائقن تائين رھي. سندس حڪمراني دوران گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو، ارغونن کان شڪست کان پوءِ سندس بادشاھت ختم ٿي. سمن جي گھراڻي پنهنجي لاءِ ”ڄام“ جو لقب مقرر ڪيو، جيڪو بادشاهه يا سلطان جي برابر آهي. سمن کان پھرين سنڌ تي سومرن جي حڪمراني ھئي. سمن 1335ع ڌاري سومرن کان ٺٽو شھر کسي حڪمراني جي شروعات ڪئي، ان کان پوءِ پنھنجي بادشاھت کي بکر ۽ ٻين علائقن تائين وڌايو. ڄام انڙ بن بابينو، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو. ھن جو ذڪر پهريون ڀيرو سيوهڻ واري معرڪي جي حوالي سان ملي ٿو، جڏهن هن سلطنت دهلي جي هڪ نائب کي قتل ڪيو هو. ان بعد سنڌ جي مختلف قبيلن کيس پنهنجو سردار چونڊيو. هن دور جو مشهور رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو آهي. سنڌي بيت جن جي شروعات سمن جي دور ۾ ٿي تن ۾ هندي ڏوهيڙي جي ڪافي اثر هيو. شيخ حماد، اسحاق آهنگر ۽ درويش راڄو سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ۾ بيت چوندا هئا.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Kargil war.jpg

ڪارگل جنگ پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ هڪ جنگي ڇڪتاڻ کي چيو ويندو آهي، جيڪا 1999ع جي مئي ۽ جون جي مهينن ۾ ڪشمير جي ضلعي ڪارگل ۽ لائين آف ڪنٽرول جي علائقن ۾ وڙهي وئي. هندوستان ۾ هن تنازعي يا جنگ کي آپريشن وجي (سوڀ) جي نالي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي آپريشن هندوستان ڪارگل جي علائقن کي خالي ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيو هو. ھن جنگ جو سبب، پاڪستان جي فوجي سپاهين پاران لائين آف ڪنٽرول ٽپي ڪارگل ۾ هندوستان جي فوجي چوڪين تي قبضو ڪرڻ هو. جنگ جي شروعات ۾، پاڪستان پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته وڙهندڙ ڪشيمري مجاهد آهن، آپريشن وجي کان پوءِ مئل فوجين، ۽ پاڪستان جي وزير اعظم ۽ پاڪ فوج جي سربراهه جي بيانن مان ڳالهه واضع ٿي ته وڙهندڙ پاڪستان جي فوج جا اهلڪار هئا. ڪارگل جنگ جا ٽي مُک مرحلا هئا. پهريون، پاڪستان جي فوج پاران هندوستاني ڪشمير جي علائقن ۾ داخل ٿيڻ ، ٻيو، هندوستان جي فوج کي پاڪستان فوج مداخلت جي سڌ پوڻ ۽ ان جي جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي فوج کي متحد ڪرڻ ۽ ٽيون مرحلو هندوستان پاران ڪارگل ۾ آيل پاڪستاني فوجين خلاف جنگ ڪري سڄو علائقو خالي ڪرائڻ هو، جنهن ۾ هندوستان جي فوج ڪامياب وئي.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Spinoza.jpg

برووخ اسپنوزا پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي هو. ھن جو جنم نالو بينيڊٽو ڊي اسپنوزا ھيو. هي 24 نومبر، 1632ع تي ايمسٽرڊيم جي علائقي جوڊنبورٽ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن اسپنوزا اڃان ڇهن سالن جو هو ته سندس والده وفات ڪري وئي. هن جو تعلق سيفراڊي يھودي گھراڻي سان هو ۽ سندس مادري زبان پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني پڻ ڳالھائيندو ھو. سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو ۽ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري لکيندو هو. هن جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم جيان جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. سندس زندگيءَ جو ڏيئو 1677ع ۾ اجهامي ويو. سندس وفات وقت عمر اڃا 44 سال هئي، هن کي ھيگ شهر ۾ نيئووي ڪرڪ جي عيسائين واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Nirim1948 1.jpg

عرب اسرائيل جنگ 1948 جنھن کي جنگ آزادي يا پھرين عرب اسرائيل جنگ سڏيندا آهن، اسرائيل جي نالي نئين قائم ٿيل رياست ۽ عرب ملڪن جي فوجي اتحاد جي وچ ۾ لڳل جنگ جو نالو آهي، جيڪا برطانيه جي ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ نگراني ۾ آيل برطانوي فلسطين جي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ لڳي ھئي. 1917ع ۾ بالفور واري اعلان ۽ 1920ع ۾ برطانوي مينڊيٽ واري فلسطين جي قيام کان پوءِ يھودين ۽ عربن وچ ۾ ھلندڙ دٻاءُ واري حالت، تڪرار جي صورت اختيار ڪئي. 1936ع کان 1939ع جي وچ تائين ھلندڙ مخالفت، فلسطين ۾ عرب انقلاب کي جنم ڏنو ۽ وري 1944ع کان 1947ع تائي ھلندڙ يھودين جي مخالفت وري يھودي بغاوت کي جنم ڏنو. اسرائيل جي خودمختياري جي اعلان کانپوءِ مصر، اردن، شام ۽ عراق جون فوجون فلسطين ۾ داخل ٿي ويون. انھن مان اردن 2 مئي تي اسرائيل سان ڳالھيون ڪري جنگ کان پاسو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد نمبر 181 موجب فلسطين جي تقسيم جي منصوبي تحت کيس مليل علائقي کان سواءِ فلسطيني رياست جي بہ 60 سيڪڙو حصي تي قابض ٿي ويو.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Mohenjodaro - view of the stupa mound.JPG

سنڌ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي، جيڪو ملڪ جي ڏکڻ اوڀر طرف واقع آهي. سنڌ، سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي، جنهن کي عام طور واديءَ مهراڻ پڻ چيو ويندو آهي. ايراضي جي لحاظ کان سنڌ پاڪستان جو ٽيو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو وڏو صوبو آهي. سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ آهي. سنڌ ۾ آبادي جا آثار 7000 سال قبل مسيع ۾ ملن ٿا. مهر ڳڙهه، جيڪو هاڻ بلوچستان جو حصو آهي، ڪنهن وقت سنڌ جون سرحدون ان تائين ڦهليل هيون. سنڌ جي ثقافت کي هزارين سال ترقي ڪرڻ ۾ لڳا، جنهن کان پوءِ 3000 سال قبل مسيح ۾ سنڌو تهذيب جو بنياد پيو. سنڌو تهذيب پنهنجي جوهر ۾ آڳاٽي مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي برابر هئي. هتي جي ماڻهو کي فنون لطيفہ تي عبور حاصل هو، ۽ هنن پنهنجي ٻولي پڻ جوڙي هئي. روهڙي يا اروڙ اڳاٽي سائوويرا بادشاهت جي گادي جو هنڌ هو، جنهن جو ذڪر شروعاتي ٻُڌ ڌرم جي ادب ۾ مُک واپاري مرڪز طور ٿيل آهي. سنڌ جي آبهوا اونهاري جو سخت گرم ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي رهندي آهي. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز آهي.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Karachi Kings.png

ڪراچي ڪنگز پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي. هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي، ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي. ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو. هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي. هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون


Indus civilisation seal unicorn at Indian Museum, Kolkata.jpg

سنڌو لکت نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه. 1900 قبل مسيح کان پوءِ، هڙاپا جي پُختي دور جي آخر ۾، نشانين جو باترتيب استعمال ختم ٿي ويو. 1100 قبل مسيح ۾، هڙاپا ۾ نشانين جي ڪجهه استعمال جون شاهديون ملن ٿيون، اهو دور هندوستان ۾ لوهه واري دور جي شروعات هو. گجرات جي بيت دورڪا سمنڊ ڪناري کوٽائي مان پراڻي سنڌو تهذيب جون نشانيون مليون آهن، جنهن ۾ هڪ ٽن مٿن وارو جانور، مٽي جي ٿانءُ تي چٽيل نشانيون جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آڳاٽي هڙاپا جي لکت آهي، اتان هٿ آيل ٿانءُ 1528 قبل مسيح جا آهن، ان لاءِ اهو دليل ڏنو وڃي پيو ته آڳاٽي هڙاپا جي ٻولي 1500 قبل مسيح تائين جاري هئي. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. سنڌو لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن.


مڪمل مضمون پڙهو...


 وڌيڪ چونڊ مضمون



Battle of Preveza (1538).jpg




سلطنت عثمانيه سن 1299ع کان 1922ع تائين قائم رهڻ واري هڪ مسلم سلطنت هئي جنهن جا حڪمران ترڪي هيا۔ پنهنجي عروج جي زماني ۾  هي سلطنت ٽن کنڊن تي ڦهليل هئي ۽ ڏکڻ اوڀر يورپ، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا  جو گھڻو حصو هن جي نگراني هيٺ هيو۔ هن عظيم سلطنت جون سرحدون اولهه ۾ آبنائي جبرالٽر، اوڀر ۾ قزوين سمنڊ ۽ فارس نار ۽ اتر ۾ آسٽريا جي سرحدن، سلوواڪيه ۽ ڪريميا (هاڻوڪو يوڪرين) سان ڏکڻ ۾ سوڊان، صوماليه ۽ يمن تائين ڦهليل هيون۔ مالدووا، ٽرانسلوانيا ۽ ولاچيا جي علائقن کان علاوہ هن جا 29 صوبا هيا. سليم ۽ سليمان جي دورن ۾ عثماني بحريه دنيا جي عظيم ترين بحري قوت ٿي جنهن روم سمنڊ جا ڪافي علائقا فتح ڪيا۔ انهن فتحن ۾ اهم ترين ڪردار عثماني امير البحر خير الدين پاشا باربروسا جو رهيو جنهن سليمان جي دور ۾ ڪافي شاندار عسڪری فتحون حاصل ڪيون. اولهہ يورپ جي سلطنتن جو بطور بحري قوت اڀرڻ ۽ يورپ کان ايشيا جي لاء متبادل رستن ۽ "نئين دنيا" (آمريڪا) جي دريافت عثماني معيشت کي زبردست نقصان پهچايو. عثمانين جي زوال جي دور کي جو هڪ سبب جديد دور به قرار ڏنو ويندو آهي. هن دور ۾ سلطنت هر محاذ تي شڪست کاڌي ۽ ان جون سرحدون گھٽجنديون ويون تنظيمات (اصلاحن) جي باوجود مرکزي حڪومت جي ناڪامي جي ڪري انتظامي عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ 19 هين صدي جي دوران سلطنت عثمانيه سميت ڪافي ملڪن ۾ قوم پرستي کي عروج نصيب ٿيو. مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ سلطنت عثمانيه ۾ ورهاست جو عمل قسطنطنيه تي قبضي جي 13 ڏينهن بعد 30 آڪٽوبر 1918ء تي مدروس معاهدي جي ذريعي شروع ٿيو.
مڪمل مضمون جو مطالعو ڪريو





سنڌي ادب



سنڌي ادبي دور جي شروعات شاعريءَ جي صورت ۾ سومرن جي دور کان ڄاڻايو ويو آهي. موجوده سنڌي لپي جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي، ان کان اڳ سنڌي ادب کي مختلف لپين ديوناگري، خواجڪي، برهمڻي، لوهاڻڪي، گرمکي, خداآبادي يا خداوادي ۽ ٻين لپين ۾ لکيو ويندو هو. سومرن جي دور کي سنڌي ادب جو شروعاتي چيو ويندو آهي. ڪيترائي محقق موهن جي دڙي واري دور کي سنڌي ادب جي شروعات ڪوٺين ٿا، سندس خيال مطابق، سنڌي ادب متعلق ان دور جي ڪا تاريخ موجود ناهي. رائي گهراڻي جي زماني سنڌ جي وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ علم جا باقائده مدرسا سنڌي ٻولي ۾ موجود هئا. ان وقت جي سنڌي ٻولي جا حرف عبراني زبان سان ملندا هئا. عرب دور ۾ سنڌي شاعرن جا حوالا ملن ٿا ۽ ان دور ۾ قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جا مثال پڻ ملن ٿا، پر سنڌ جي ليکڪن جي گھڻائي انهن کي سنڌي ادب جو دور نٿا ڪوٺين. سنڌي ادب جو بنياد ۽ اوسر وارو باقاعده دور سومرن جي دور کي سمجهيو وڃي ٿو. توڙي جو سومرن جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ۽ سرڪاري زبان عربي هئي پر سومرا حڪمرانن جي مادري زبان سنڌي هجڻ سبب ان دور کي سنڌي ٻولي جي تعمير ۽ توسيع وارو دور تصور ڪيو ويندو آهي. ڳاھ جي صورت ۾ سنڌي ۾ بيت سومرا دور کان ملڻ شروع ٿين ٿا، ڳاهه سنڌي شاعري جي هڪ قديم صنف آهي، جنهن کي سنڌي بيتن جي اوائلي صورت قرار ڏنو وڃي ٿو. سومرا دؤر سنڌي رومانوي داستانن جي حوالي سان انتهائي اهم دؤر آهي. سنڌ ۾ ناٽڪ جي تاريخ اوڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري سهيڙجڻ شروع ٿي. 1854ع ۾ رايل ٿيئٽر ڪراچي سنڌي ناٽڪ جي ميدان ۾ پهريون قدم هو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سنڌي زبان جا افساني نگار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو.
مڪمل مضمون جو مطالعو ڪريو





ٺٽو


سنڌ جي پراڻن ۽ قديم شهرن مان ٺٽو هڪ قديم، تاريخي ۽ هڪ قابل ذڪر شهر آهي. ٺٽي شهر جي قائم ٿيڻ، اُن جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻيءَ، رسم رواج، علم ادب تي تاريخي حوالن سان، ڪي قدر تحقيقي مواد سامهون آيو آهي. جن مان مير علي شير قانع، مير محمد بن جلال ٺٽوي، امير خسرو دهلوي ۽ ادراڪي بيگلاريءَ کان سواءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪن غيرملڪي مؤرخن، سياحن، جهڙوڪ جنرل هيگ، ميجر راورٽي، هيوز، ايٽڪن، پاٽنجر، مانرڪ، منوڪي، هئملٽن ۽ ڊاڪٽر سورلي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي. 1982ع ۾، مشهور بين الاقوامي آرڪيالاجسٽ ۽ مؤرخ، پروفيسر ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ، پنهنجي ڪتاب ‘Thatta Islamic Architecture’ ۾، ٺٽي جي باري ۾ بهترين تفصيل ڏنو آهي. پروفيسر دانيءَ جي هيءَ تصنيف گهڻي قدر مير علي شير قانع جي لکيل ۽ مشهور بين الاقوامي مؤرخ سيد حسام الدين راشديءَ جي تصحيح ڪيل ۽ وڌايل فارسي زبان ۾ لکيل تاريخ، ’مڪلي نامه‘، تان ورتل آهي. لفظ ’ٺٽو‘ ۽ ٺٽي شهر جي بنياد پوڻ واري سال متعلق به تاريخدانن ۾ گهڻو اختلاف آهي. هن سلسلي ۾ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو خيال آهي ته ”لفظ ٺٽو ’تهه تهه‘ لفظ مان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تهه مٿان تهه“. مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ته: ”ٺٽ چون ماڻهن جي گوڙ کي؛ ٺٺ چَوَن خشڪ ميدان کي؛ شايد اُنهن مان ٺٽو نالو نڪتو هجي.“ ميجر راورٽيءَ جي راءِ موجب ”ٺٺ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ’تٽ‘ آهي، جنهن جو اُچار سنڌي زبان ۾ ’تڙ‘ (درياءَ جو ڪپر يا ڪنارو) ٿيو، سنسڪرت ۾ ‘ٽاٽا اسٿا’ جي معنا به “درياهه جي ڪنڌيءَ تي وسندي” ٿئي ٿي.؛ ان طرح ’ٺٽ‘ معنيٰ آهي ”ڪنهن واهه يا درياهه وٽ ٻڌل ڳوٺ جتان پتڻ اُڪري پار پهچجي“.
مڪمل مضمون جو مطالعو ڪريو









"https://sd.wikipedia.org/w/index.php?title=وڪيپيڊيا:چونڊ_مضمون&oldid=143068" تان ورتل










رھنما مينيو


























(window.RLQ=window.RLQ||[]).push(function()mw.config.set("wgPageParseReport":"limitreport":"cputime":"0.192","walltime":"0.312","ppvisitednodes":"value":755,"limit":1000000,"ppgeneratednodes":"value":0,"limit":1500000,"postexpandincludesize":"value":40575,"limit":2097152,"templateargumentsize":"value":1210,"limit":2097152,"expansiondepth":"value":13,"limit":40,"expensivefunctioncount":"value":1,"limit":500,"unstrip-depth":"value":0,"limit":20,"unstrip-size":"value":0,"limit":5000000,"entityaccesscount":"value":0,"limit":400,"timingprofile":["100.00% 199.677 1 -total"," 41.68% 83.235 2 سانچو:In_the_news/image"," 37.83% 75.535 2 سانچو:Main_page_image"," 36.49% 72.857 1 سانچو:مقالو_مُک_صفحو/10_جولاءِ_2018"," 21.14% 42.215 2 سانچو:Str_number/trim"," 10.73% 21.425 8 سانچو:Remove_file_prefix"," 10.15% 20.275 1 سانچو:مقالو_مُک_صفحو/22_فيبروري_2018"," 9.77% 19.500 1 سانچو:چونڊ_مضمون_صفحا"," 8.17% 16.322 4 سانچو:If_empty"," 6.69% 13.362 1 سانچو:Short_description"],"scribunto":"limitreport-timeusage":"value":"0.028","limit":"10.000","limitreport-memusage":"value":1434494,"limit":52428800,"cachereport":"origin":"mw1329","timestamp":"20190503194109","ttl":3600,"transientcontent":true);mw.config.set("wgBackendResponseTime":455,"wgHostname":"mw1329"););

Popular posts from this blog

Wikipedia:Vital articles Мазмуну Biography - Өмүр баян Philosophy and psychology - Философия жана психология Religion - Дин Social sciences - Коомдук илимдер Language and literature - Тил жана адабият Science - Илим Technology - Технология Arts and recreation - Искусство жана эс алуу History and geography - Тарых жана география Навигация менюсу

Club Baloncesto Breogán Índice Historia | Pavillón | Nome | O Breogán na cultura popular | Xogadores | Adestradores | Presidentes | Palmarés | Historial | Líderes | Notas | Véxase tamén | Menú de navegacióncbbreogan.galCadroGuía oficial da ACB 2009-10, páxina 201Guía oficial ACB 1992, páxina 183. Editorial DB.É de 6.500 espectadores sentados axeitándose á última normativa"Estudiantes Junior, entre as mellores canteiras"o orixinalHemeroteca El Mundo Deportivo, 16 setembro de 1970, páxina 12Historia do BreogánAlfredo Pérez, o último canoneiroHistoria C.B. BreogánHemeroteca de El Mundo DeportivoJimmy Wright, norteamericano do Breogán deixará Lugo por ameazas de morteResultados de Breogán en 1986-87Resultados de Breogán en 1990-91Ficha de Velimir Perasović en acb.comResultados de Breogán en 1994-95Breogán arrasa al Barça. "El Mundo Deportivo", 27 de setembro de 1999, páxina 58CB Breogán - FC BarcelonaA FEB invita a participar nunha nova Liga EuropeaCharlie Bell na prensa estatalMáximos anotadores 2005Tempada 2005-06 : Tódolos Xogadores da Xornada""Non quero pensar nunha man negra, mais pregúntome que está a pasar""o orixinalRaúl López, orgulloso dos xogadores, presume da boa saúde económica do BreogánJulio González confirma que cesa como presidente del BreogánHomenaxe a Lisardo GómezA tempada do rexurdimento celesteEntrevista a Lisardo GómezEl COB dinamita el Pazo para forzar el quinto (69-73)Cafés Candelas, patrocinador del CB Breogán"Suso Lázare, novo presidente do Breogán"o orixinalCafés Candelas Breogán firma el mayor triunfo de la historiaEl Breogán realizará 17 homenajes por su cincuenta aniversario"O Breogán honra ao seu fundador e primeiro presidente"o orixinalMiguel Giao recibiu a homenaxe do PazoHomenaxe aos primeiros gladiadores celestesO home que nos amosa como ver o Breo co corazónTita Franco será homenaxeada polos #50anosdeBreoJulio Vila recibirá unha homenaxe in memoriam polos #50anosdeBreo"O Breogán homenaxeará aos seus aboados máis veteráns"Pechada ovación a «Capi» Sanmartín e Ricardo «Corazón de González»Homenaxe por décadas de informaciónPaco García volve ao Pazo con motivo do 50 aniversario"Resultados y clasificaciones""O Cafés Candelas Breogán, campión da Copa Princesa""O Cafés Candelas Breogán, equipo ACB"C.B. Breogán"Proxecto social"o orixinal"Centros asociados"o orixinalFicha en imdb.comMario Camus trata la recuperación del amor en 'La vieja música', su última película"Páxina web oficial""Club Baloncesto Breogán""C. B. Breogán S.A.D."eehttp://www.fegaba.com

What should I write in an apology letter, since I have decided not to join a company after accepting an offer letterShould I keep looking after accepting a job offer?What should I do when I've been verbally told I would get an offer letter, but still haven't gotten one after 4 weeks?Do I accept an offer from a company that I am not likely to join?New job hasn't confirmed starting date and I want to give current employer as much notice as possibleHow should I address my manager in my resignation letter?HR delayed background verification, now jobless as resignedNo email communication after accepting a formal written offer. How should I phrase the call?What should I do if after receiving a verbal offer letter I am informed that my written job offer is put on hold due to some internal issues?Should I inform the current employer that I am about to resign within 1-2 weeks since I have signed the offer letter and waiting for visa?What company will do, if I send their offer letter to another company